الهڏنو نوناري

الهڏنو نوناري

الهڏنو نوناري

الهڏنو نوناري: استاد الھڏنو نوناري، سنڌ جو ممتاز گائڪ ٿي گذريو آهي، هن 1885ع ۾، سکر ويجهو ڳوٺ باگڙجي، (هاڻي شڪارپور ضلعو) ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌ جو پھريون گائڪ هو، جنھن ديسي سنڌيءَ راڳ سان گڏ، ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ به مھارت حاصل ڪئي. خاص طور تي ”تان“ ۾ وڏي مھارت رکندو هو. استاد عاشق علي خان جو شاگرد بڻيو ۽ گهڻي ڀاڱي سندس انداز ۾ ئي ڳائيندو هو ۽ اڪثر ساڻس گڏ ڳائيندو هو. سندس آواز، سنهو، اوچو ۽ لوچدار هو، جنھن ۾ عجيب ترنم ۽ سوز موجود هو. هن خاصيت سبب هُو ڪافيون ۽ مرثيا نھايت پرسوز انداز ۾ ڳائي سگهندو هو. هن کي ”تلنگراڳ تي وڏي مھارت حاصل هئي، ان کان سواءِ آسا ۽ ڀيروي به ڪمال جي ڳائيندو هو. هن ممبئي، لکنئو ۽ مدراس ۾ به پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهايو. سندس سوين ڪلام ريڪارڊ ٿيل آهن. هن 21 جولاءِ 1951ع تي وفات ڪئي.


لفظ الهڏنو نوناريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.07.21  عيسوي

استاد الھڏنو نوناري، سنڌ جو ممتاز گائڪ ٿي گذريو آهي، هن 1885ع ۾، سکر ويجهو ڳوٺ باگڙجي، (هاڻي شڪارپور ضلعو) ۾ جنم ورتو. استاد الھڏنو نوناريءَ 21 جولاءِ 1951ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻالڪ سنڌي
زيب النساءَ2
ديبا ڪنول
پنهون فقير
چَند فقير
ضامن علي
پکراج ملڪه
ڌائي الهوڌائي
شير شاهه
فوزيه سومرو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون